غلام رباني چانڊيو

غلام رباني چانڊيو

چانڊيو غلام رباني

چانڊيو، غلام رباني: نامياري فنڪار غلام رباني ولد سجاول فقير چانڊيي ڏهين مئي 1966ع تي ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ جو شوق هو. سنڌ جي ڀلوڙ راڳي چاڪر خان چانڊيي کان راڳ جي سکيا ورتائين. غلام رباني چانڊيو هن وقت تائين سنڌ جي اڪثر مشهور درگاهن ۽ ميلن تي ڳائي چڪو آهي. ريڊيو ۽ ٽي. وي جو مقبول فنڪار آهي. فن جي مڃتا طور ڪافي انعام حاصل ڪيا اٿس. سندس ڪيتريون ئي آڊيو، وڊيو ۽ سي ڊي ڪيسيٽون جاري ٿي چڪيون آهن. محمد قاسم ماڪا جي ‘AA’ ڪمپنيءَ هن جي ڳايل ڪلامن جون ڪيتريون ڪيسٽيون جاري ڪيون آهن، جن وڏي مقبوليت ماڻي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.05.10  عيسوي

نامياري فنڪار غلام رباني ولد سجاول فقير چانڊيي ڏهين مئي 1966ع تي ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسنيم احمد صديقي
عدنان صديقي
ڪامريڊ علي محمد جمالي
پير محمد پيرل ميمڻ
پتافي بهاءُ الدين بهائي مولوي
جامعي محمد سرور پروفيسر
بودلو بهار
ڄام گوڙجي(اول)
بروهي
بشير مورياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون